ڀٽائي آرٽ اڪيڊمي

ڀٽائي آرٽ اڪيڊمي: ڀٽائي آرٽ اڪيڊميءَ جو بنياد 1991ع ۾ پيو. ان وقت هن اڪيڊمي جا ڪُل 20 ميمبر هئا. هن اڪيڊمي جو پهريون چيئرمئن شبير ’آڪاش‘ قريشي هو. صدر نويد احمد سرڪي، جنرل سيڪريٽري لطيف ’ساغر‘ دائود پوٽو هو. هو، هن اڪيڊميءَ جي بنياد ۾ قادر بخش بروهي ۽ ٻيا شامل هئا. هن اڪيڊمي ٺل ۾ ڪيترائي مزاحيه ۽ اصلاحي ڊراما پيش ڪيا. اڪيڊمي جي محنت ڪش ستارن جو پهريون پيش ڪيل اسٽيج پروگرام ’پاپي‘ هو. هن اسٽيج ڊرامي جو هدايتڪار مدد علي ’وفا‘ هو، جيڪو اصـل شــهـدادڪـوٽ جو رهواسي هو. ان کانپوءِ هن اڪيڊمي جو ٻيو ڊرامو ’خدا خير ڪري‘ 1992ع ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو گهڻو مقبول ٿيو. خدا خير ڪري کانسواٰءِ ڀٽائي آرٽ اڪيڊمي جي ميمبرن ڏينهن رات محنت ڪري ’اڄوڪو يزيد‘ ۽ ’جشن ٺل‘ جهڙا اسٽيج ڊراما پيش ڪيا ۽ هينئر هن اڪيڊميءَ جو تاحيات چيئرمئن شبير ’آڪاش‘ قريشي کي چونڊيو ويو آهي. جڏهن ته ورڪنگ باڊيءَ ۾ صدر عبدالهادي سرڪي، نائب صدر گل ميرالي، جنرل سيڪريٽري اي ڪي ’ساگر‘، گلاب جکراڻي، علي نواز ٻرڙو ۽ وحيد قريشي شامل آهن .ويجهڙائي ۾ هن اڪيڊمي پاران ’بيگناهه‘ نالي ڊرامو اسٽيج ڪيو ويو جنهن جو هدايتڪار اي. جي ’ڪليان‘ دايو هو، جڏهن ته ان جي ڪهاڻي اسدالله ڦلپوٽي جي لکيل هئي. ان سميت هن اڪيڊميءَ جو ٻيو ڊرامو ’عيوضو‘ به مقامي سطح تي مقبول ڊرامو آهي. هيءَ اڪيڊمي اسٽيج ڊرامن ۾ پاڻ موکي رهي آهي.


لفظ ڀٽائي آرٽ اڪيڊميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو